پلي پلئڙي

پلي/ پلئڙي: هيءَ مڇي پلي مان ٿئي ٿي ۽ ٻسر جنس ناهي، هيءَ مڇي درياهي ڍنڍن ۾ اڳي ڇڏيل پلن جو ٻج آهي، جيڪو اتي رهجي ويندو آهي، ان ڪري هي ستن اٺن انچن تائين وڌي بيهي ويندي آهي. سنڌ جي ڍنڍن ۾ وڌي ويجھي ٿي. هن جي آني سنهي ۽ ڦوٽو پلي وانگر ٿيندو آهي. ڪينجھر ڍنڍ ۾ پلي يا پليئڙي جام مرندي آهي. ست اٺ انچن جي پلي اتر سنڌ ۾ جام کپندي آهي. هن کي پلي جي نئين جنس سڏڻ غلط آهي. هي ساڳي پلي جي جنس آهي جيڪا ويندي ويندي پلو ڇڏي ويندو آهي ۽ سمنڊ ڏانهن موٽي هي پلڙا واپس نه ويندا آهن. ان ڪري اهي قد جا ننڍا ۽ سنها ٿين ٿا. هن مڇيءَ جي خوشبوءِ پلي جهڙي هوندي آهي ۽ آني به وهندڙ اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو